اوسلو (م ڊ) ناروي جي وزيراعظم کي ڪورونا ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ ڀرڻو پئجي ويو، عورت وزيراعظم جي سالگرهه ۾ گذريل مهيني 10 کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي، پريس ڪانفرنس ۾ صحافين سخت تنقيد ڪندي چيو ته اوهان هتي بيهي عوام کي ڪهڙي منهن سان ڪورونا ضابطن تي عمل جون هدايتون ڪنديون رهيون؟ عورت وزيراعظم ڪورونا ضابطن جي ڀڃڪڙي تي عوام کان معافي به وٺي ڇڏي.