ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس پاران موبائيل فون ڦر ڪندڙ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، علائقي ۾ هاف فراءِ ڪرڻ جا چوٻول. خبر موجب اي سيڪشن پوليس ڪارروائي ڪري موبائيل فون ڦر ڪندڙ جوابدار عاطف نصيراڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب جوابدار موبائيل فون ڦري فرار ٿي رهيو هو ته پوليس پيڇو ڪيو، جنهن دوران ڏواهرين ۽ پوليس ۾ فائرنگ ٿي، جنهن دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا ڏوهاري فرار ٿي ويا، هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس جوابدار کي هاف فراءِ ڪيو آهي.