ڪنڊيارو/محبت ديرو (نمائندن وٽان) احساس ڪفالت سينٽر محبت ديرو تي پئسا کڻي ويندڙ ٻن ريٽيلر ڊوائس هولڊرن گلبهار راڄپر ۽ سخاوت پٺاڻ کان محبت ديرو لنڪ روڊ تان پوليس جي موجودگي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار مستحق عورتن جا لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربند ٻنهي ڊوائيس هولڊرن کان 6 لک رپيا ڦر ڪيا، جڏھن ته سندن سان گڏ بنا هٿيارن جي پوليس اهلڪار ڪا به مزاحمت نه ڪئي، اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو ۽ محرابپور تعلقن ۾ ھلندڙ 7 سينٽرن جن ۾ ڪنڊيارو جي ٽن سينٽرن سميت محبت ديرو، خانواھڻ، ھالاڻي، محرابپور جي ٻن سينٽرن تي ڊوائيس هولڊرن پاران مستحق عورتن کي پئسا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب سينٽرن تي آيل هزارين عورتون دربدر ٿي واپس موٽي ويون. ڊوائيس هولڊرن جي احتجاج سبب اوچتو سينٽرن جي بند ٿيڻ جو اطلاع ملڻ ۽ محبت ديرو ۽ ڪنڊيارو ٿاڻن جي حد جي تڪرار سبب پوليس پاران ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ جو اطلاع ٻڌي ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف لغاري پوليس اٽالن سميت واقعي واري هنڌ پهچي ويو جتي هن صورتحال جو جائزو ورتو. هوڏانهن ڏينهن ڏٺي جو ڊوائيس هولڊرن کان موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن پاران 6 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي وڃڻ واري واقعي خلاف ڊوائيس هولڊرن احتجاج ڪندي اعلان ڪندي چيو آھي ته جيڪڏھن ڦر ڪيل رقم واپس نه ڪرائي وئي ته سندن احتجاج جاري رکندي سينٽرن تي قسط نه هلائي ويندي. هوڏانهن حد جي محبت ديرو ٿاڻي ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.