ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شهر جي سٽي ٽو فيڊر تي بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهر جي اسٽار چوڪ واري علائقي جي دڪاندارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي زبير قائمخاني، سجاد علي ڪليري، عاشق ڏيپر، عمران، شاهد علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سيپڪو عملدارن روزانو 8 کان 10 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري رهيان آهن، جنهن سبب ڪاروبار ٺپ آهي، هنن چيوته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.