مانجھند (ن پ ا) مانجھند تعلقي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿيڻ لڳي آهي، جنهن ڪري نوجوانن سان گڏ ٻارڙا ۽ عورتون به منشيات واپرائڻ لڳيون آهن. ان ڏس ۾ اڪرو، علي آباد، انڙپور، منظورآباد، انڊس ڪول مائنز، کاڻوٺ، مانجھند، سن، لاکا ۽ آمري ۾ منشيات سر عام وڪرو ٿي رهي آهي، جنھن جي ڪري منشيات نوجوان نسل کي ڪينسر وانگر وڪوڙي وئي آھي. رهواسين احسان کوسو، علي حسن کوسو ۽ نذير احمد کوسو جو چوڻ ھو ته ھتان جا پڙھيل لکيل نوجوان وبا جي ڪري اسڪول نه ٿا وڃن، اھي به مين پوڙي گٽڪو واپرائڻ لڳا آھن ۽ جيڪي مشڪل سان ٽي چار سو رپيا ڪمائن ٿا اھي به ھن سماجي برائي جي ور چڙھي انھن مزدوري وارن پئسن جو نشو واپرائن ٿا، جنھن جي ڪري انھن جي گھرن م فاڪا ڪشي وارو ماحول آھي. ھتي جا نوجوان سڄو سڄو ڏينھن اوتارن تي ويھي ۽ گندين نالين مان پنيون ۽ ڪاغذ چونڊي وڪڻي ري انھن پئسن جو چرس ۽ ھيروئن وٺي استعمال ڪن ٿا. تعلقي جي پوليس منشيات ڊيلرن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڳريون منٿليون مقرر ڪري ھتان جي ماڻھن کي تباھ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھي آھي. اسان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيون ٿا ته منشيات جي وڪري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل ھن سماجي برائي کان بچي سگھي.