ڪنري (ن پ ا) ڪنري پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ جسقم اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ/ جي دعويٰ، اڳواڻ سميت 4 ڄڻن خلاف مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل، عدالت ۾ پيش، خبر موجب پوليس جسقم ضلعي ميرپورخاص جي اڳواڻ عاشق ڪيريو کي گرفتار ڪري مبينا پوليس مقابلي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب گشت دوران پڪو موڙ لڳ مھاجر ڳوٺ وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ جوابدار عاشق ڪيريو کي گرفتار ڪيو ويو، جڏھن ته سندس ٻيا ساٿي جيئندو کوسو، جھنڊو عرف الطاف ڪيريو، قربان رند ۽ ھڪ نامعلوم فرار ٿي ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدار تي مختلف ٿاڻن تي 35 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آھن، جوابدار وٽان ھڪ پسٽل، 3 رائونڊ ۽ ھڪ مھراڻ ڪار هٿ ڪئي وئي، بعد ۾ پوليس جوابدار کي سول ڪورٽ ڪنري ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ھوڏانھن جسقم اڳواڻ ارباب ڀيل ۽ ٻين عاشق ڪيريو جي ڪوڙي مقابلي ۾ گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آھي ته پوليس مٿس جڙتو مقابلو ڄاڻائي گرفتار ڪيو، ايس ايچ او عاطف شاهه 6 سال اڳ به عاشق ڪيريو کي ڪراچي مان گرفتار ڪري غلام نبي شاھ ٿاڻي جي حد ۾ هاف فراءِ ڪيو هو، هنن معاملي جي اڻ ڌريي جاچ جي گهر ڪئي،