ڪنري (ن پ ا) عدالتي حڪم تي ڪنري پوليس جو زميندار جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو، 7 ھاري بازياب ڪرائي ورتا. سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس ڳوٺ شمس جوڻيجو ۾ زميندار راشد ڀٽي جي مبينا نجي جيل تي ڇاپو ھنيو. پوليس ڇاپي دوران معصوم ٻارن سميت 7 ھارين کي بازياب ڪرايو ويو. ھارين کي ٿاڻي تي آندو ويو، بازياب ٿيلن ۾ چيتن ڪولھي، راجا، پرشوتم، لالچند، چندران، والجي ۽ ٻيا شامل آھن. ھارين الزام ھنيو ته زميندار ظلم ڪري ٿو. فجر کان وٺي مغرب تائين سخت پورھيو ڪرائي ٿو. علاج توڙي کاڌي پيتي لاءِ خرچ نٿو ڏئي جنھن کان تنگ اچي عدالت جو در کڙڪايو. پوليس موجب ھارين کي اڄ سومر ڏينھن عمرڪوٽ جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.