ڄامشورو ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 2 مريض فوت

0
402

ڄامشورو (ن پ ا) لمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 2 مريض فوت ٿي ويا، جن ۾ رفيق احمد ۽ محمد علي شامل آهن، اهڙي ريت ڪورونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 51 ٿي ويو، 17 ڄڻا علاج هيٺ آهن. : وارڊ ايڊمن ڊاڪٽر دين محمد چانڊيو چيو ته فوت ٿيل مريضن جي تدفين ايس او پيز تحت ڪئي ويندي.