ڪشمور ۾ خوفناڪ حادثو، نينگر ۽ نينگري فوت، 2 زخمي

0
215

ڪشمور (ن پ ا) ڪشمور لائين پراڻي روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، موٽرسائيڪل سوار رستي ويندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ھيٺان اچي ويا، واقعي ۾ 2 معصوم ٻار فوت ٿي ويا، ھڪ عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ 8 سالن جي نينگري نازان چاچڙ 12 سالن جو منير چاچڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، زخمين ۾ مسمات ڀاڳل چاچڙ ،زاھد چاچڙ کي علاج لاءِ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،ڪشمور پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽريڪٽر ڊرائيور اميرالدين ملڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.