ڪوٽڙي مان 2 نينگر مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

0
211
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي مان 2 نينگر مبينا طور اغوا، ڪوٽڙي جي مسلم ٽائون واري علائقي مان 2 نينگر 11 سالا غلام مصطفي عرف مسطو ۽ 9 سالا غلام مرتضي مبينا طور اغوا ٿي ويا، ڪوٽڙي پوليس نينگرن جي چاچي حسين بخش ٻرڙو جي فرياد تي نامعلوم ماڻھن مٿان سندن ڀائيٽين کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته نينگر ڇولا کاپيندا آھن يتيم آھن سندن پي به فوت ٿي ويو آھي ، اڄ ھو ڇولا کپائڻ لاءِ ويا ته واپس نه موٽيا جنھن بعد اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آھي، نينگرن کي ھٿ ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.