ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ چوپائي مال جي پڙي تي پنج ڏينهن اڳ چاچڙ ۽ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي تان ٿيل جهيڙي جو زخمي ڪنڌڪوٽ واسي اصغر سبزوئي رحيم يار خان اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو. فوتي جو مڙهه ڪنڌڪوٽ آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واضح رهي ته چاچڙ ۽ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. جهيڙي ۾ هڪ ڄڻي جي فوت ٿيڻ جو ڪشمور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.