دادو ( رپورٽر ) دادو اي ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيل 3 ڄڻن بابر جتوئي، فاروق جمالي ۽ منير ڪنڀر کي پيرين اگهاڙي رمانڊ لاءِ عدالت پهچايو، گرفتار ڪيل بابر جتوئي دانهيو ته اي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي زنجيرن سان ٻڌي جسم جي ٻين عضون تي تشدد ڪرڻ سان گڏ پيرن تي سچ پترن ۽ سوٽين سان تشدد ڪيو جنهن سبب سندن پير سڄي ويا آهن، ان ڪري پيرن ۾ چمپل نه پوڻ سبب پوليس کين پيرن اگهاڙي رمانڊ لاء عدالت وٺي آئي آهي، هن دانهيو ته پوليس سندس ٻن ڀائرن علي حيدر ۽ صدام کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي منير ڪنڀر ۽ فاروق جتوئي دانهيو ته پوليس گرفتار ڪرڻ بعد مسلسل 2 راتيون هٿ، پير ٻڌي ايترو ته تشدد ڪيو آهي جو اسان هلڻ ڦرڻ کان به لاچار بڻجي ويا آهيون ، پوليس تشدد دوران بيهوش ٿيڻ تي پوليس پاڻي جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آڻي وري تشدد ڪندي رهي ٿي ته توهان شهر ۾ ٿيل چورين باسيو اسان جي انڪار تي تشدد ڪيو ويو ، ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جو چوڻ ته ٽئي نامي گرامي چور آهن مٿن تشدد ناهي ڪيو پاڻ کي بچائڻ لاء پوليس مٿان تشدد ڪرڻ جا الزام هڻي رهيا آهن