ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۾ ضلعي انتظاميا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون ڪري 150 دڪان سيل ڪري ڇڏيا، 7 دڪاندارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران لاڳو لاڪ ڊائون کي پوليس بي اثر بڻائي ڇڏيو، شهر ۾ جزوي طور ڪاروبار جاري رهيو، لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نئين پل وٽ جوتا مارڪيٽ سيل ڪئي وئي، دڪاندارن کان ڀتي وٺڻ جي الزام هيٺ اهلڪار کي معطل ڪيو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر ايس او پيز جي خلاف ورزي تي 8 ريسٽورنٽس ۽ هوٽلز سيل ڪرايا. ڪينٽ واري علائقي ۾ مختيارڪار 4 ميڊيڪل اسٽور، قاسم آباد ۾ ٻن بيوٽي پارلرز سميت 10 دڪانن کي سيل ڪيو ويو، ٻهراڙي ۾ 3 دڪان سيل، دڪاندارن کان 32 هزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو، درزين جا دڪان بند ڪرائڻ تي درزي قاسم آباد ٿاڻي جي پوليس عملدارن کي ٻکين پئجي ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مڪي شاهه ٿاڻي جي ايس ايچ او پاران اسپيشل تي مقرر اهلڪار مظهر پنهور ڄاڻايل مارڪيٽ جي دڪاندارن کان دڪان کولڻ جي اجازت لاءِ مبينا طور هزار رپيا في دڪان ڀتو ورتو هو. هوڏانهن دادو ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ملاح، ڪاليج ريشم گهٽي، نيو چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا هڻي ريڊيمنٽ ، ڪلاٿ، ڪباب ۽ ٻين دڪانن جي اڪبر ، عبدالرحيم، محسن، نياز ۽ غلام حسين سميت 12 دڪاندارن کي لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪرايو.باقراڻي ۾پاڪ فوج ۽ پوليس گشت ڪري ڪاروبار بند ڪرايو. قمبر شھر جون اڪثر بازارون ۽ خريداري مرڪز کليل رهيا،سکر پوليس مهراڻ مرڪز، گھنٽا گھر وارن علائقن ۾ ڪاروائي ڪري لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي الزام هيٺ زاهد حسين، عاطف ميمڻ، اويس بلوچ، صدام گبول کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.جيڪب آباد ۾ مختيارڪار ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ 14 دڪان سيل ڪرايا، ضلعي انتظاميا پاران اڄ کان صرافه بازار ۽ موبائيل مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پريالوءِ ۽ ڳاڙهي موري ۾مختيار ڪار ڪنگري ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ ريٽ لسٽون نه لڳائڻ تي دڪاندارن کان ڏنڊ وصول ڪيو، ھمايون شريف ۾ مختيار ڪار هڪ هوٽل ۽ اسٽور کي سيل ڪري ڏنڊ وصول ڪيو. قاضي احمد ۾ مختيارڪار ممتاز پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ ڪارروائي ڪندي 25 دڪان سيل ڪرايا. نوشهروفيروز ۾ لاڪ ڊائون ڀڃڪڙي ڪرڻ تي انتظاميا 30 کان وڌيڪ دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو. مٺياڻي۾لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان مجنو چانڊيو جي هوٽل کي سيل ڪيو ويو. سڪرنڊ ۾ دڪاندارن عيد جي ڪري هڪ ڏينهن نرمي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مورو ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس دڪان، مارڪيٽون ۽ بازار کي بند ڪرايو