ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊي آدم جي احمد آباد پاڙي جي رهواسي فوجي جوان 32 ورهين جو ظفر ولد رحمت الله هاشمي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو هو جيڪو اسپتال ۾ داخل هو جتي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو فوتي کي ريلوي گرائونڊ قبرستان ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتي پاڪ نيوي ۾ سپاهي هو ۽ شادي شدھ ھو کيس 5 ٻارن جو اولاد اٿس.