ڪراچي ۾ دڪان جي ملازم کان 2 ڪروڙ 22 لک رپيا ڦر، ڪيس داخل

0
308

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي صدر واري علائقي مان دڪان جي ملازم کان 2ڪروڙ 22لک رپيا ڦر جي واردات ٿي آهي، صدر مان 2ڪروڙ 22لک رپيا ڦر جي واردات ٿي آهي، ڪيس داخل ڪيوويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته گولڊ شاپ جي ملازم  جي  فرياد تي پريڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پنج آگسٽ جي شام جو سيٺ ياسين اسڪول بيگ ڏني ۽ خانگي گولڊ ليب مان رقم کڻي اچڻ جو چيو

فريادي موجب اسڪول بيگ ۾ 2 ڪروڙ 22لک رپيا کڻي اچي رهيو هئس ته موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن رقم ڦر ڪئي

ڦر جي واردات جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهو اچي ويا، فٽيجز ۾ جوابدارن کي رقم کان ڀريل بيگ کسيندي ڏسي سگهجي ٿو

هي به پڙهندا

ڊکڻ: بڊو ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن ۽ سئوٽن هٿان بيواهه ناري قتل