ڪراچي ۾ اڻڄاتل جوابدارن ناري کي گھر جي در تي قتل ڪري ڇڏيو

0
166
جهڏو ۾ هٿياربندن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن گهر جي دروازي تي فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب گلستان جوهر بلاڪ 11 ۾ اڻڄاتل ماڻهن دروازو کڙڪايو ۽ جيئن ئي ڇوڪري ٻاهر آئي ته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 15 ورهين جي قمروش موقعي تي ئي مارجي وئي، جنهن جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو آهي، ميڊيا پاران پڇڻ تي واقعي بابت گهرڀاتين ڪو به موقف نه ڏنو، جڏهن ته ايس ايس پي ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي کي ميڊيا کي ٻڌايو ته قتل جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

تنگواڻي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري قتل