ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن ۾ رستو نه ڏيڻ تان جھيڙو، 2 پوليس اھلڪار زخمي، ڇڪتاڻ، سائوٿ زون جي آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڊفينس جي علائقي توحيد ڪمرشل ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن ۽ پوليس وچ ۾ رستو نه ڏيڻ تان جھيڙو ٿيو. رستو نه ملڻ تي جيپ ۾ سوار آفيسر پوليس موبائيل جي ڊرائيور کي گھلي هيٺ لاهي تشدد جو نشانو بڻايو،آفيسر پوليس اھلڪار کي جيپ ۾ وجھي کڻي وڃي رھيو ھو ته پوليس موبائل پھچي وئي. توحيد ڪمرشل وٽ پوليس اهلڪار جيپ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن بعد ٻيھر جھيڙو ٿي پيو. انهي دوران پوليس ساٿي اھلڪار کي ڇڏائي ورتو، جنھن بعد قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا آفيسر ۽ پوليس آفيسر ٿاڻي پھتا، جن ۾ ڳالھيون ٿيون. ھڪ پوليس آفيسر ٻڌايو ته معاملو حل ٿي ويو، واقعو غلط فھمي جي بنياد تي پيش آيو. ھن چيو ته ٿاڻي جو گھيراءُ نه ٿيو هو، آفيسر ڳالھين لاءِ آيا ھئا