ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي عوام جا 5 هزار ارب هڙپ ڪيا آهن، ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان ي رپورٽ ۾ سڌي ريت ڄاڻايو ويو آهي ته سعيد غني ۽ سندس ڀاءُ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي سرپرستي ڪن ٿا، فرحان ۽ سعيد غني سان گڏ گهمندڙ ڏوهاري ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي، فرحان 2 ڀيرا منشيات فروشي ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي، سعيد غني 3 وزارتن جون سرڪاري گاڏيون پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، پيپلز پارٽي سعيد غني کي مون تي الزام مڙهڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، جيڪو هُو پورو ڪري پيو، هن الزام هنيو ته وڏو وزير يونس قدواني کان آگاهي وٺڻ لاءِ آمريڪا ويو آهي، وزيراعظم عمران خان پاران آمريڪا کي فوجي اڏا نه ڏيڻ واري بيان بعد بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي سي وي کڻي واشنگٽن وڃي پيو، بلاول کي خبر هئڻ گهرجي هاڻي وقت تبديل آهي، عوام پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري پيو. حليم عادل شيخ چيو ته نيب زرداري کان 30 ارب رپيا واپس ڪرايا آهن ، هن چيو ته مون تي اينٽي ڪرپشن ۾ڪوڙو ڪيس هلايو ويو، الزام ثابت نه ٿيڻ تي بورڊ آف روينيو موڪليو ويو ، ساڳيو ڪيس بار بار نيب ۾ اماڻيو پيو وڃي، هن چيو ته منهنجي نالي تي 4 ايڪڙ زمين آهي، جيڪا اليڪشن ڪميشن ۾ ڊڪلير آهي، هن چيو ته ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.