ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي وڪيلن جون چيف جسٽس سان ڳالهيون ڪامياب: هڙتال ختم، ان ڏس ۾ ملير جي سيشن جج  ۽ وڪيلن وچ ۾ 15 ڏينهن کان هلندڙ تڪرار سبب سنڌ بار ڪائونسل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي ۽ ملير بار جي سڏ تي وڪيلن ڪالهه به عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري هڙتال ڪئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ،  اينيڪس بلڊنگ ۽ سٽي ڪورٽ جي مين گيٽن کي تالا هڻي عدالتي ڪاروائين لاءِ پيش ٿيندڙ وڪيلن ۽ شهرين کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو، ڪالهه  چيف جسٽس جي چيمبر اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، وڪيلن جي ھڙتال سبب اھم ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿي سگھيون، بعد ۾وڪيل اڳواڻن چيف جسٽس احمد علي شيخ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ چيف جسٽس وڪيلن کي سڀاڻي 26 مئي تي ملير ڪورٽ جو دورو ڪري معاملن جو جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائي،اهڙي خاطري  بعد وڪيلن هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو.