جھوڪ شريف (ن پ ا ) گنج بحر ڪئنال ۾ ڏيڍ مھيني کان پاڻي نه اچڻ ڪري اولڊ گنج بحر، چورواھ ،جويا واھ، شاھ واھ ۽ شاخون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آھن.گنج بحر ڪئنال ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري واٽر سپلاءِ جو تلاءُ پڻ سڪي ويو آھي، شھري پيئڻ جو پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور آھن.  جڏھن ته معصوم ٻارڙا ۽ عورتون دلا مٽ ۽ ٻيا  ٿانوء مٿي تي رکي شھر کان پري ڳوٺن مان ھينڊ پمپن تان پاڻي ڀري اچن ٿا ٻي طرف واھن ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري چوپايو مال سميت پکي پکڻ اڃ ۾ پاھ ٿي رھيا آھن. شھري، آبادگارن علي حسن خاصخيلي، مينھن وسايو جتوئي،  علي حسن جلالاڻي، عرفان ڀٽي،  اعجاز جلالاڻي جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدارن  گذريل ڏيڍ مھيني کان گنج بحر ڪئنال جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي، واھ مڪمل طور سڪي ٺوٺ ٿي ويا آھن پاڻي نه اچڻ ڪري چوپايو مال اڃ مري رھيو آھي شھر جو تلاء سڪي ويو آھي جنھنڪري شھري پاڻي پئسن عيوض ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته آبپاشي عملدار سجاول جي  مک سياسي اڳواڻن اڳيان مجبور آھن ۽ انھن سياسي اڳواڻن جون زمينون پڃاري تي ھجڻ ڪري اھي گنج بحر جا ٻـ وارا پڃاري کي ڏئي ڇڏيا آھن ھنن سنڌ حڪومت ۽ آبپاشي عملدارن جي اعلي اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.