ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ماڊل ڪرمنل ڪورٽ سولجر بازار ۾ نشي جي حالت ۾ منهن ماري ٿيڻ تي نوجوان شاهزيب کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار راحت عرف پنجابي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جوابدار کي مقتول شاهزيب جي وارثن کي 20 لک رپيا هرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.