ڪراچي: مشهور فنڪار شمن ميرالي جي ڀاڻج جا قاتل گرفتار نه ٿيا!

0
352

ڪراچي: شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي خدابخش عرف بابر علي جي قتل وارو معاملي ۾ 27 ڪلاڪ گذري وڃڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگھي. مقتول جي ڀاءُ عامر علي جو چوڻ هو ته قاتل بااثر آھن، پوليس اڃا تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، اسان مزدور ماڻھو آھيون، منھنجو ڀاء به مزدوري ڪندو ھو، هن چيو ته منھنجو ڀاء خدابخش عرف بابر علي گلشير سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رھيو ھو ته حاجي خيرالله، سندس ڀاء ۽ پٽ کيس روڪيو، جوابدارن منھنجي ڀاء کي پاسي تي وٺي وڃي گوليون ھنيون، منھنجي ڀاء مٺل جي نمبر تي مسڊ ڪالز آيون ھيون، جنھن تي هن ڄاڻايل نمبر تي ڪال ڪئي ھئي. خيرالله محسود وارن اسان کي چيو ته اھو نمبر گھر جو آھي، ڪال نه ڪريو، جنھن تي مون پنھنجي ڀاء کي روڪي ڇڏيو ھو. عامر علي چيو ته ان باوجود منھنجي ڀاء کي قتل ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي.