ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ويجهو سمنڊ مان 28 غيرملڪي مهاڻا گرفتار، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ترجمان موجب 5 ٻيڙين ۾ سوار 28 غيرملڪي مهاڻا انڊس ڊيلٽا ۾ مڇي جو شڪار ڪري رهيا هئا. اطلاع ملڻ تي کين گرفتار ڪري ٻيڙين سميت ڊاڪس پوليس حوالي ڪيو ويو.