هالا (ن پ ا) هالا جي مخدوم مرحوم غلام محمد قريشي جي پٽن جاويد، مخدوم شهزاد ۽ ٻي ڌر مخدوم فرحان ۽ مخدوم زاهد عرف فرحاد ۾ اباڻي ملڪيت تان هلندڙ تڪرار ۾ ٺاپر نه اچي سگهي آهي، هڪ ڏينهن اڳ زخمي ٿيل مخدوم زاهد عرف فرحاد پاران پنهنجن وڏن ڀائرن تي والده، ڀينرن ۽ ڀائرن کي اباڻي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي تشدد جو الزام هنيو ويو آهي، اهڙي رپورٽ هالا ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي ۽ پوليس پاران سندس ڀائرن خلاف ڪو به قدم نه کڻڻ تي مخدوم زاهد ۽ مخدوم فرحان اعليٰ اختيارين کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف ڀائرن تي حملي جي الزام هيٺ آيل مخدوم جاويد ۽ مخدوم شهزاد روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز کي تفصيل ڏيندي چيو ته هنن ڪنهن تي ڪو به حملو ناهي ڪيو ويو. البت سندس پيءُ مخدوم غلام محمد پاران پنهنجي حياتي ۾ لادعوا ڪيل ڀاءُ مخدوم زاهد عرف فرحاد سندن بنگلي ۾ زبردستي داخل ٿي درين ۾ لڳل سمورا شيشا ٽوڙي پنهنجو پاڻ کي زخمي ڪيو ۽ هالا ٿاڻي تي اسان خلاف حملي جي ڪوڙي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. هنن پهرين به ڪيترا ئي دفعا گهرن تي چڙهايون ڪري نقصان پهچايو آهي.