ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اغوا ڄاڻايل  شاگردياڻي نمره ڪاظمي کي عدالتي حڪم باوجود پيش نه ڪرڻ تي پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 25 مئي تي هر  حالت ۾ نمره کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ هتي ٻارڙيون گم ڪيون پيون وڃن، پوليس ڪجهه نه پئي ڪري. جسٽس محمد اقبال ڪلهورو چيو ته 18 سالن کان گهٽ عمر جون ٻارڙيون گم ٿي پنجاب ۾ ظاهر ٿي رهيون آهن. عدالت چيو ته اسان حڪم ڏنو هو ته نمره کي هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي، هينئر تائين نمره کي پيش ڇو نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي ڊي ايس پي سعود آباد  چيو ته پوليس نمره جي والده سان گڏ پنجاب جي شهر  تونسه شريف ۾ موجود آهي، ڇاپي لاءِ  پنجاب جي گهرو کاتي جي اجازت گهربل آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اسان حڪم جاري ڪريون ٿا، توهان پنجاب جي گهرو کاتي کي ٻڌايو ته عدالت حڪم ڏنو آهي، جنهن تي ڊي ايس پي چيو ته پنجاب جي گهرو کاتي کان اڄ ڇاپي جي اجازت ملڻ جو امڪان آهي، جنهن بعد عدالت نمره ڪاظمي کي 25 مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻئي طرف جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت دعا زهره اغوا ڪيس ۾ گرفتار نڪاح پڙهائيندڙ غلام مصطفيٰ ۽ شادي جي شاهد اصغر کي 5  ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه پوليس لاهور مان گرفتار ڪيل نڪاح پڙهائيندڙ غلام مصطفيٰ ۽ شاهد اصغر کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران جوابدار غلام مصطفيٰ اهم انڪشاف ڪندي چيو ته مون دعا جو نڪاح ناهي پڙهايو، جنهن تي عدالت جوابدار کان پڇيو ته اسان کي ٻڌايو ته نڪاح جو ڇا طريقيڪار هوندو آهي؟ عدالت جوابدار اصغر کان پڇيو ته نڪاح ۾ وڪيل (شاهد ) جو ڪهڙو ڪردار هوندو آهي؟ جنهن تي جوابدار اصغر چيو ته مون کي شاهد بڻايو ويو هو ، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته وڌيڪ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، نڪاح پڙهائيندڙ کان جاچ ڪرڻي آهي ته واقعي جوابدار نڪاح پڙهايو آهي يا نه؟