جھول: رٽائرڊ اهلڪار جون 2 نياڻيون ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي

0
164
جھول: رٽائرڊ اهلڪار

جھول (ن پ ا) جھول واسي انتھائي غربت واري زندگي گذاريندڙ رٽائرڊ پوليس اھلڪار افتخار حسين مغل جون 2 نياڻيون اقرا ۽ اقصيٰ مغل ميرٽ تي سنڌ پوليس ۾ڀرتي ٿي ويون آهن

ٻنهي نياڻين کي ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ علي لنجار آفيس ۾ گهرائي آفر آرڊر ڏنا، نياڻين کي پوليس ۾ نوڪري ملڻ تي ڪيترن ئي شھرين ۽ مائٽن سندن گھر پھچي مبارڪون ڏنيون، آهن

ان ڏس ۾ اقرا ۽ اقصيٰ مغل چيو ته والد تعليم ڏياري پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ جي تياري ڪرائي، هنن چيو ته پيرسن والدين جو سھارو بڻجنديوسين

نارين جي والد رٽائرڊ پوليس اھلڪار افتخار مغل چيو ته کيس بي انتھا خوشي ٿي آھي، ھن نياڻين کي پٽن جيان پاليو، کين تعليم ڏياري، سندن ھر ضرورت پوري ڪئي، ٻنهي نياڻين والدين جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ مئٽرڪ جا ساليانا امتحان ڌڙاڌڙ ڪاپي سان جاري