شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد گل شاھ پير ڀرسان نوجوان شاھد لاکو جو گهر مان گوليون لڳل ۽ تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، پوليس لاش کڻائي ضروري ڪارروائي  لاءِ آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽر ٻڌايو ته نوجوان تي تشدد ٿيل آهي ۽ گوليون لڳل آهن، پوليس موجب نوجوان گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، شاهد لاکو هوٽل تي ڪم ڪندو هو، شاهد لاکو جي امڙ ۽ ڀائر ڪراچي ۾ رهندا آهن، مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون، نوجوان شاهد لاکو جو لاش ضروري ڪارروائي بعد مائٽن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن نوجوان جي ٺاروپور مين روڊ تي واقع قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ياد رهي ته مقتول جو خاندان ڏھ سال اڳ ڪراچي لڏي ويو هو، مقتول 3/4 مهينا اڳ شڪارپور اچي مسواڙي گهر ۾ اڪيلي سر رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ نيو فوجداري ٿاڻي جي حد نم کبڙ موڙ چانھه جو هوٽل هلائيندو هو. نوجوان سان رابطو نه ٿيڻ تي سندس امڙ شڪارپور پهتي.