ڪراچي بورڊ طرفان 12 هين ڪلاس جي آرٽس گروپ جا نتيجا پڌرا

0
202
استادن جي ڀرتين وارو معاملو،

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) چيئرمين بورڊ آف هائير سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين انٽر ميڊيٽ 12 هين ڪلاس جي سالياني امتحان 2021ع جي پهرئين مرحلي لاءِ آرٽس ريگيولر گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

 نتيجن  موجب آرٽس ريگيولر گروپ جي امتحانن ۾ 13 هزار 367 اميدوارن رجسٽريشن حاصل ڪئي، 12 هزار 933 اميدوارن امتحانن ۾ حصو ورتو، جڏهن ته 12 هزار 52 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، اهڙي طرح پاسز جو تناسب 93.19 سيڪڙو رهيو

چيئرمين انٽر بورڊ پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين وڌيڪ ٻڌايو ته آرٽس ريگيولر گروپ جي امتحانن ۾ 876 اميدوارن کي اي ون گريڊ، 1934 اي گريڊ، 2761 بي گريڊ، 2690 سي گريڊ، 2532 ڊي گريڊ ۽ 1259 ئي گريڊ ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو