ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪترينا ڪيف پنهنجي جم ٻاهران ڪيمرا مين کي ڏسي ڪاوڙجي پئي. ڪترينا ڪيف جم وڃڻ لاءِ پنهنجي ڪار مان نڪري رهي هئي ته شوبز صحافين ڪيمرائن جو رخ ڪترينا ڏانهن ڪري ڇڏيو. واقعي جي منظر عام تي آيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪترينا پنهنجي ڪار جو دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هنن ڪترينا کي بيهڻ لاءِ چيو ته ڪترينا کين چيو ته پنهنجون ڪيمرائون هيٺ ڪيو. جڏهن ڪترينا کي محسوس ٿيو ته هو اڃا به سندس وڊيو ڀري رهيا آهن ته تپي باهه ٿي وئي. ڪترينا چيو ته ڪيمرا هيٺ ڪريو، اسان هتي ورزش ڪرڻ لاءِ ايندا آهيون. ڪترينا ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ چيائين ته ڪيمرا هيٺ ڪيو. ڪجهه جملا چوڻ بعد ڪترينا ڪيمرا کان پري هلي وئي پوءِ ڪيمرا مينن کانئس معافي به ورتي.