واشنگٽن(شوبز نيوز) 68 سالن جي آمريڪي شهري 3 فوٽ قد وڌائڻ لاءِ سرجري ڪرائي جنهن ۾ هڪ لک 30 هزار آمريڪي ڊالر خرچ ڪري ڇڏيا جيڪي پاڪستاني رپين موجب ڪروڙين رپيا ٿين ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا سان تعلق رکندڙ هڪ شخص پنهنجي قدم ۾ 3 انچ اضافي لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ سرجري ڪرائي ۽ ان سرجري لاءِ 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ يعني هڪ لک ٽيهه هزار ڊالر خرچ ڪيا. سرجري ڪرائيندڙ آمريڪي شهري 60 جي ڏهاڪي ۾ سرجري ڪرائڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته اها هڪ اهڙي شيءِ هئي جنهن بابت مان جوان ٿيڻ کانپوءِ هميشه سوچيندو رهندو هيس. آمريڪي شهري رائي ڪون جو چوڻ هو ته مونکي ايئن لڳندو هو ته مان ننڍو آهيان، مونکي زندگي ۾ جيئن ئي وقت مليو مان پنهنجي سرجري ڪرائڻ جو سوچيو ۽ ڪرائي. رائي ڪون چيو ته منهنجي گهر واري مونکان وڌيڪ ان معاملي تي پريشان رهندي هئي، سرجري ڪرائڻ جو عمل تمام ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ هو. رائي جي سرجن ڊاڪٽر ڪيون ديبي هن جي سرجري جي حوالي سان ٻڌايو ته رائي جو قد سرجري کان اڳ 5 فوٽ 6 انچ هو، هڪ تڪليف ڏيندڙ سرجري کانپوءِ قد ۾ 3 انچن جو اضافو ٿيو.