ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ روينيو بورڊ جو ميمبر واصف علي ميمڻ  سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي)  جو  چيئرمين ٿي ويو،  ڪابينا جي منظوري بعد کيس ٽن سالن لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو ويو  آهي،  هوڏانهن سنڌ جي اوقاف، زڪوات ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري بخش علي مهر کي هٽائي بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائيس ڪنٽرول جي ڊي جي غلام عباس ڏيٿو کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف صحت کاتي پاران ڪراچي سائوٿ جي ڊي ايچ او ڊاڪٽر نديم واحد کي بدلي ڪري سول اسپتال ڪراچي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لياقت آباد اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر  محمد احمد قاضي کي ڊي ايچ او سائوٿ مقرر ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڊاڪٽر محمد ايوب ٻٻر کي ڪراچي جي لياقت آباد اسپتال جو ايم ايس مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن کاتي ميرپورخاص جي  ڊپٽي ڊائريڪٽر رفيق ميمڻ کي  رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ هٽايو ويو. چيف سيڪريٽري طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب رفيق ميمڻ کي چيئرمين آفيس رپورٽ ڪرايو ويو آهي . واضح رهي ته ميرپورخاص ۾ مبينه طور آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ کڻي وڃڻ ۽ رڪارڊ جي واپسي لاءِ رشوت گھرڻ جي الزامن جي جاچ هلندڙ آهي، سرڪل آفيسر منظور ميمڻ کي اڳ ۾ ئي معطل ڪيو ويو هو. جڏهن ته رفيق ميمڻ خلاف ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکيو ويو هو، نوٽيفڪيشن موجب ذاڪر حسين سمون کي حيدرآباد مان بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو.جڏهن ته  نعيم عباسي کي سائوٿ ڪراچي مان بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر نورالله شيخ کي بدلي ڪري ڊپٽي ڊائريڪر سائوٿ ڪراچي مقرر ڪيو ويو