ڪابل: بيوٽي سيلونز ٻاھران لڳل ماڊلز جي تصويرن کي اسپري ڪري لُڪايو ويو

0
355

ڪابل: ڪابل ۾ طالبان طرفان بيوٽي سيلونز ٻاھران عورت ماڊلز جي تصويرن کي ڪاري رنگ جي اسپري ڪري لڪايو ويو، افغانستان تي طالبان جي ڪنٽرول بعد روز نوان قانون ۽ ضابطا ظاھر ٿي رھيا آھن ۽ ان ئي تناظر ۾ گذريل ڏينھن طالبان ويڙھاڪن ڀتين تي لڳل عورت ماڊلز جي پوسٽرز کي ھٽايو ھو.

ان حوالي سان وڌيڪ ڪجھ تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي سامھون آيون آھن جن ۾ ڪيترن ئي بيوٽي پارلرز ۽ سيلون ٻاھران لڳل پوسٽرز تي عورت ماڊلز جي چھرن کي اسپري ڪيو ويو آھي انھن جو چھرو لڪي سگھجي.

وڊيوز ۽ تصويرن ۾ طالبان کي اڇي ۽ ڪاري رنگ سان عورت ماڊلز جي چھري کي لڪائيندي ڏسي سگھجي، ياد رھي تھ ان کان اڳ طالبان جي ترجمان طرفان عورتن جي حقن ۽ ميڊيا جي آزادي متقعل پنھنجي پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ھو تھ شرعي گھرجن تحت عورتن کي سمورا حق فراھم ڪيا ويندا.

ھي به پڙھندا

انتقام نه وٺنداسين، جلد افغان عوام کي قابل قبول سياسي قيادت ڏينداسين: طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس