کپرو (ن پ ا) کپرو لڳ ڳوٺ ڪاٺوڙو ۾ 7 ٻارن جي ماءُ رتني زال چيتن ڪولهي زرعي دوا پيءُ خودڪشي ڪري ڇڏي. کپرو ويجهو کاهي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪاٺوڙو ۾ 7 ٻارن جي ماءُ رتني زال چيتن ڪولهي گهريلو اڻبڻت سبب گهر جي ڀرسان زرعي دوا واپرائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي مڙهه ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال کپرو کڻائي آئي جنهن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.