حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي ويجهو سيري ٿاڻي جي حد ۾ مبينا طور چانهه جلدي نه ملڻ جي ڪري نوجوان ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته گاجا موري جي رهواسي 22 سالن جي تلسيداس ولد ڀورو ڪولهي گهر وارن کان چانهه گهري ته کيس تڪڙ ۾ چانهه نه ملي جنهن تان ڪاوڙجي هن وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي علائقي واسين سيري پوليس کي اطلاع ڏنو. سيري پوليس پهچي ٽنگيل لاش وڻ مان لهرائي وارثن حوالي ڪيو. نوجوان جي پيءُ ڀورو ڪولهي جو چوڻ آهي ته هو غريب ماڻهو آهي. سندن ڪنهن سان به دشمني ڪانهي. هن جو پٽ بيروزگاري سبب پريشان رهندو هو ۽ سندس ذهني توازن پڻ ٺيڪ نه رهندو هو. گهران چانهه ملڻ تي هو تڪڙ ۾ ٻاهر نڪتو. بعد ۾ پتو پيو ته هن ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انگ آڻي ڇڏيو آهي. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام متل هو. وارثن نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم به نه ڪرايو.