ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ باغات مالهي ۾ چار ٻارن جي ماءُ 28 سالن جي شريمتي يشودا زال ڌرمشي ڪولهي معمولي ڳالهه تان دلبرداشته ٿي گهر اندر ڳچي ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري زندگي جو ڏئيو اجهائي ڇڏيو. جڏهن ته شريمتي يشودا ڪولهڻ جي خودڪشي جو اطلاع ڪوٽ غلام محمد پوليس کي ڏنو ويو جنهن کانپوءِ لاش کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪري مرده خاني ۾ رکيو ويو جتي لاش کي ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو .