کورواھ (ن پ ا) کورواھ جي 5 شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالي فصل جو ٻيجارو سڪڻ لڳو، ھزارين ايڪڙن تي ساريالو فصل پوکجي نه سگھيو، آبادگارن پاران احتجاج جو چتاءُ. کورواھ واھ، سعيد واهه، شير واهه، کيرسري، بھادرواهه جي آبادگارن دلشاد مري، ميان امير بخش، يارمحمد پھنور ۽ ٻين دانھيندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته واهن ۾ پاڻي جي کوٽ برقرار آھي، پاڻي کوٽ سبب سارين جو ٻيجارو سڪي رھيو آھي. ان کان علاوه ھزارين ايڪڙن تي اڃا تائين ساريالو فصل پوکجي نه سگھيو آھي. ھنن جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي پئراج تي پاڻي جي کوٽ ختم ٿي چڪي آھي، ان جي باوجود کورواھ جي 5 شاخن جا آبادگار اڃا تائين سارين جو فصل پوکي نه سگھيا آھن. شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي. ھنن مطالبو ڪيو ته کورواھ جي ڄاڻايل پنجن کي شاخن ۾ پاڻي جو پورو گيج ڏئي آبادگارن کي معاشي بدحاليءَ کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ ڌرڻو ھڻي ڪراچي – بدين روڊ بند ڪيو ويندو.