ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين ي بازياب ڪرائڻ لاءِ صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي جي تجويزن تي عملدرآمد جي هدايت ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کان 22 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي پوليس اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي، صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽي جي تجويزن تي عملدرآمد ڪرڻ سان ئي گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. عدالت آءِ جي سنڌ کي گم ٿيل ماڻهن جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ ذاتي دلچسپي سان معاملي جي تهه تائين پهچي سگهي ٿو. ان موقعي تي عدالت گم ٿيل شهرين سيد افنان، راحيل، رزاق، وقاص، منظور ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين ڌرين کي 22 جون تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو