ملير (رپورٽر) ميمڻ ڳوٺ جي علائقي ۾ ڪي اليڪٽرڪ بلن جي نوٽيس تي شهري آفتاب بلوچ پاران عملدارن سان گارگند ۽ بدتميزي ڪئي وئي هئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي، جنهن بعد ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪي اي ايس سي ٿاڻي جي سب انسپيڪٽر محمد سعيد جي مدعيت ۾ جوابدار آفتاب بلوچ ۽ سندس 50 ساٿين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ قلم 147. 148 .149. 186. 353. 504. 341 سميت دهشتگردي جو قلم 7 ATA پڻ لڳايو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي حڪم تي آفتاب بلوچ جي ايگريڪلچر فارم زمين خلاف جاري وارنٽ جي تعميل لاءِ ميانداد ڳوٺ پهچي آفتاب بلوچ کي ڪال ڪئي، جنهن تي هن اتي بيهڻ جو چيو ۽ ٻڌايو ته مان اچان ٿو، جنهن بعد آفتاب بلوچ 50 ماڻھن سميت پهتو ۽ اچڻ سان ئي گاريون ڏنيون، مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي سرڪاري ڪم ۾ دخل اندازي ڪئي، جڏهن ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس آفتاب بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتاري بعد آفتاب بلوچ لاڪ اپ مان معافي وٺڻ جي وڊيو جاري ڪندي چيو ته مان پوليس ۽ ٻين عملدارن سان ڪيل گارگند تي معافي وٺان ٿو، ٻيهر عدالت پاران ملندڙ نوٽيس جو پابند رهندس.