ڦل (ن پ ا) ڦل شھر ۾ مرغي جي گوشت کي پر لڳي ويا، مرغي جو گوشت 550 کان 600 رپيا ڪلو وڪامجڻ لڳو، هڪ ئي شھر ۾ هڪ دڪان تي 550 رپيا ٻئي دڪان تي 580 رپيا، جڏهن ته ٽئين دڪان تي 600 رپيا في ڪلو مرغيءَ جو ڪوشت وڪامجڻ ڪري شھري سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن ته آخر مرغي جي گوشت جو اصل سرڪاري اگهه ڪيترو آھي. ان جي لاءِ هتان جي شھرين پرائس ڪنٽرول اٿارٽي ۽ مختيارڪار نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آھي ته ڦل شھر ۾ مرغي جي دڪاندارن کي سرڪاري ريٽ لسٽ مطابق مرغي جو گوشت کپائڻ جو پابند ڪيو وڃي.