ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪارا عائشه عمر چيو آهي ته آئون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سوره رحمان جي تلاوت ٻڌندي آهيان. تفصيل موجب اداڪارا عائشه عمر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ڪجهه ئي منٽن ۾ وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ عائشه عمر کي سوره رحمان جي تلاوت ٻڌندي ڏسي سگهجي ٿو. ان موقعي تي هو چئي رهي آهي ته مون آخري ڀيرو گوگل تي قاري عبدالباسط جي آواز ۾ سوره رحمان سرچ ڪئي هئي جڏهن ته ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا سوره رحمان جي تلاوت ٻڌندي آهيان.