ڪراچي (شوبز نيوز) مشھور شاعرا ۽ پروڊيوسر اسماء نبيل لاڏاڻو ڪري وئي آھي، ليکڪا جي موت جي خبر ان جي فيس بُڪ اڪائونٽ ذريعي ڏني وئي، پوسٽ موجب ليکڪا جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، اسما نبيل تازو جنريشن ايڪس علي ذيشان جي بريسٽ ڪينسر مھم 2021 جو حصو بڻي ھئي، ميڊيا رپورٽس موجب اسماء نبيل کي 7 سال اڳ بريسٽ ڪينسر جي تشخيص ٿي ھئي اڄ ھوءَ ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي آھي.