ڏيئي ڏنڀَ ڏڏن، پاڻان ڏِيل ڏکوئيو!

0
163
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

هونئن ته هن ملڪ ۾ بحران اڪيلا نه پر قطارون ڪري ايندا رهيا آهن، پر هن ڀيري آيل بحران جي نوعيت ئي ڌار آهي. اهو بحران  اڳ ئي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ لاءِ ڪن هاڃيڪار نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ، جيڪا 2018ع وارين چونڊن جي آرڪيٽيڪٽ هئي، جنهن جو نتيجو هي ملڪ هاڻي پيو ڀوڳي ۽ اهو سپهه سالار به چڪيءَ جي ٻنهي پُڙن جي وچان پنهنجا هٿ حفاظت سان ڪڍي ويو آهي، ان کي ڪنهن به پڇاڻي کان پري ڪري محفوظ رستو ڏنو ويو آهي. باقي سانَ وڙهن پيا ۽ ٻوڙا لتاڙجن پيا. ڪنهن کي به اها پرواهه ناهي ته هن ملڪ ۽ عوام جو ڇا ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪندي پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته، وفاقي ڪابينا طرفان فيصلو رد ڪرڻ ڪافي ناهي. قانون کي لتاڙي لاڏلي کي مسلط ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو. ڳالهه اتي ئي پوري نٿي ٿئي، گهرو معاملن جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله اهو چئي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي ته، حالتون ان طرف ويون ته ايمرجنسي جو آرٽيڪل موجود آهي.

هي ڇا پيو ٿئي؟ ڪوبه تاريخ مان سکڻ لاءِ تيار نه آهي. ادارا سِڱ اٽڪائي بيٺل آهن. انائن جو مسئلو ئي نه پر ڌرين جي مفادن جو به معاملو آهي. هڪ ڌر بضد آهي ته چونڊون موجوده “چيف صاحب” جي رٽائرمينٽ کان اڳ ۾ ۽ سندس ئي نگرانيءَ ۾ ٿين، ڇو ته اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ کان اڳ ته ٻيو “چيف صاحب” اچڻو آهي ۽ ان جي نگرانيءَ ۾ چونڊن جي صورت ۾ هڪ ڌر کي پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا نه ملڻ جو خوف آهي. موجوده حڪمرانن کي اهو خوف آهي ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي انهن قوم کي جنهن ريت مهانگائيءَ جي کوري ۾ اڇلايو آهي، جنهن ڪري ماڻهن کي ڪاوڙ آهي ۽ چونڊون ترت ٿيون ته کين سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پوندو. ان ڇڪتاڻ ۾ ٻنهي ڌرين ملڪ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. ڪابه ڌر عقل جو استعمال ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته ٻنهي ڌرين ۽ انهن جي سمورن سهولتڪارن کي ملڪي مفاد کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، جيڪو هن وقت عالمي قوتن جي مفادن جي ويڙهه جو ميدان بڻيل آهي. هڪ ڌر موجوده حالتن کي “عدالتي آمريت” جو نتيجو قرار ڏئي مقابلي لاءِ سندرا ڪشي ورتا آهن ته ٻي ڌر وري ان کي “عدليا تي حملو” قرار ڏئي رهي آهي. پاڪستان هن وقت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي، ان جو سبب کڻي اسان جي ماضيءَ جي پرڏيهي پاليسي هجي، يا پرائي جنگ وڙهڻ جو شوق هجي، پر هن وقت حالتن جي سنگينيءَ جو ادراڪ ڪندي صورتحال کي نه سنڀاليو ويو ته، اهڙو نقصان ٿيندو، جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. معاملن کي سرچاءَ تائين وٺي وڃڻ بدران ويتر ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪيو پيو وڃي. هي ملڪ اڳ ئي عملي طور تي ڊفالٽ ته ٿي چڪو آهي پر ٿورڙي اميد آءِ ايم ايف جي سيٺ کان قرض ملڻ جي هئي، اها به ڏکيائين ۾ پوندي نظر پئي اچي. جنهن کان پوءِ ملڪ ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏيندو، ان جو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي.

هن وقت ڪڙڪا ڪندڙ ڪُنن ۾ ڦاٿل ملڪ جي ٻيڙيءَ کي پاتار ۾ وڃڻ کان بچائڻ ۽ ڪنڌيءَ لڳائڻ جي ضرورت آهي. ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت حالتون 1971ع کان به خراب آهن. اولهه ۽ اوڀر جي سرحدن تي به حالتون سازگار ناهن. ان ڪري معاملن کي انائن جي آرسيءَ ۾ ڏسڻ بدران ملڪي مفاد ۾ ڏٺو وڃي. انتهائي ڳڻتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته نه صرف ادارن جي ادارن سان، پر ادارن اندر به هڪ ٻئي سان ويڙهه جاري آهي. اهڙي صورتحال ملڪ جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. اهو سمجهڻ کپي ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي وڏي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.