ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي لڳ ڳوٺ حاجي عبدالله روستماڻي جي رهواسين پاران نياڻي بشيران جي خون سان انصاف لاءِ غلام قادر روستماڻي، محمد صالح روستماڻي، صدام الطاف حسين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي بشيران جي ڀاءُ غلام قادر روستماڻي ٻڌايو ته 24 تاريخ ڇنڇر رات منهنجي ڀيڻ بشيران روستماڻي کي بااثرن  سخت تشدد جو نشانو بڻايو، ڀيڻ  ٽنڊوباگو اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، هن چيو ته پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، اسان کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.