ڏوڪري/باقراڻي (نمائندن وٽان) باقراڻي تعلقي جي بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھٽي ڀرسان کوھ مان 50 ورھين جي اڻڄاتل شخص جو لاش ھٿ آيو، اطلاع تي بقاپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي کوھ مان لاش ٻاھر ڪڍرائي لاش ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب لاش ايڌي لاڙڪاڻو حوالي ڪري ڇڏيو.