ڏهرڪي: موهن لال جو اغوا، بدنام ڌاڙيل راحب شر جي وڊيو وائرل

0
1479

ڏهرڪي (ن پ ا) بدنام ڌاڙيل راهب شر موهن لال جي اغوا جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هن کيس اغوا ناهي ڪيو، ايس ايس پي گهوٽڪي مٿس غلط الزام لڳائي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيل راحب شر چيو ته موهن لعل راڄوڻي ڪوشش تحت بازياب ٿيو ۽ جن ڌاڙيلن کيس کنيو تن جي روح ۾ سندس نياڻين جا لڙڪ ڏسي رحم پيو جنهن کان پوء موهن کي آزاد ڪيو ويو آھي. ڌاڙيل راحب شر چيو ته ايس ايس پي ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته موهن کي راحب شر کان بازياب ڪرايو آھي، ڪچي ۾ ڪنهن به ڌاڙيل تي پوليس جو ڪو پريشر نه هيو، پوليس ڪوڙيون دعوائون پيئي ڪري.