موهن لال جي بازيابي سان پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ وائکو

0
1036

رائونتي (ن پ ا) راونتي جي ڪچي مان مغوي موهن لال جي بازيابي سان پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ وائکو، گهوٽڪي پوليس جي پورهيت کي مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ واري دعويٰ رد، موهن لال بازيابي بعد ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڌاڙيلن اکين تي پٽيون ٻڌيون ۽ اڌ رستي تي ڇڏي ڏنو، ڌاڙيلن چيو ته توهان جي آزادي ٿي وئي آهي، پوليس پاڻهي توهان کي وٺي ويندي، پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو نه ٿيو هو، گهوٽڪي پوليس راونتي ڀرسان ڌاڙيلن سان مقابلي دوران مغوي موهن لال کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، پوليس دعويٰ باوجود ڌاڙيلن جي ٻن سهولتڪارن جي گرفتاري هيل تائين ظاهر نه ڪئي.