ڇاڇرو (ن پ ا) ڏاھلي گهرو اڻبڻت تان نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو. ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ بنگل رند ۾ 14 ورهين جي دسرت پٽ هرچند ميگھواڙ گهرڀاتين کان ناراض ٿي گهر ويجهو کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جي اطلاع بعد کينسر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کوھ مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. حد جي پوليس جو چوڻ آهي ته خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن بيان ڏنو آهي ته نوجوان جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. واقعو رات جو دير سان ٿيو آهي جاچ مڪمل ڪري قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.