ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ٻن ڀائرن جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙي بعد ھڪ ڀاءُ ڪاوڙ ۾ اچي زھريلي دوا پي ڇڏي، اسپتال داخل. ڪنري ويجھو ڊبل موري جي ڳوٺ دادو خان ۾ ٻن ڀائرن جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، ھڪ ڀاءُ 13 ورھين جي رياض ولد سليمان چانڊيو جيت مار دوا پي ڇڏي، جنھن کي وارث تعلقي اسپتال ڪنري کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد سندس حياتي بچائي وئي. نينگر جي وارثن ٻڌايو ته ٻن ڀائرن جو گھرو معاملي تان پاڻ ۾ جھيڙو ٿيو ھو. جنھن تان ڪاوڙ ۾ اچي رياض زھريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.