ميرپور ماٿيلو ( ن پ ا ) ميرپورماٿيلو ڀرسان ڳوٺ شير محمد ڪلھوڙو ۾ ناري جو مري مان پکي سان ٽنگيل لاش ھٿ آيو آھي.ٻيلو ميرپور پوليس پھچي ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو.ان سلسلي ۾ ٻيلو ميرپور پوليس جو چوڻ ھو ته ناري جا وارث ٻڌائين ٿا ته ھن خودڪشي ڪئي آھي.ناري نازيا جي پيءُ خالق شيخ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته نازيا پاڻ کي رئي سان پکي ۾ لٽڪائي خودڪشي ڪئي آھي ڪارڻ معلوم ناھي ٿي سگھيو.