ڊالر 284 رپين تي پهچي ويو: سون وڌيڪ 1500 رپيا سستو: خريدار غائب

0
167
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر 284 رپين تي پهچي ويو، سون وڌيڪ 1500 رپيا سستو ، ا ن ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾سون 1500 رپيا لاٿ سان  191500 مان 190000  رپيا في تولو تي پهچي ويو

جڏهن ته چاندي 70 رپيا لاٿ سان 2670 مان 1600 رپيا تولو ٿي وئي. هوڏانهن ڊالر  اوپن مارڪيٽ ۾ 80 پئسا لاٿ سان 284.8مان 284 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.06 رپيا گهٽتائي سان  183.62 رپين تي بند ٿيو

جڏهن ته پائونڊ 350 ۽ يورو 300 رپين تي برقرار رهيا، ٻئي طرف ايڪسچينج ڪمپنيز ايسو سيئشن  جي جنرل سيڪريٽري   طفر پراچا  جو چوڻ هو ته ڊالر جو اگهه 250 کان 260 رپيا ٿيڻ بعد استحڪام ايندو